مدرسي جي مولوي تي جنسي ڏاڍائي جو ڪيس داخل

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) غريب آباد پاڙي جي مدرسي جي استاد مولوي رحمت اللہ اوڳاھي جي14 ورھين جي طالب علم سان مبينا جنسي ڏاڍائي ڪرڻ بعد شاگرد مدرسي کان ڳوٺ وڃي پنھنجي گھروارن کي ڪيل استاد جي  زيادتي جو احوال ٻڌايو. متاثر نينگر جو پيء پٽ کي ساڻ ڪري ٿاڻي پھتو جتي جوابدار مدرسي جي استاد خلاف ٿيل ڏاڍائي جو ڪيس داخل ڪرايو. پوليس جوابدار جي گھر تي چڙھائي ڪئي پر جوابدار ھٿ اچي نہ سگھيو آھي۔ رابطي ڪرڻ تي مولوي رحمت الله چيو ته الزام بي بنياد آھن۔ شاگرد مدرسي مان چوريون ڪندو ھيو، مون کيس نيڪالي ڏيئي ڇڏي آھي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو