مدرسن جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ تي ڌيان ڏيو، ڊي سي

نوابشاھه (اي ڪي ڏاھري)ڊپٽي ڪمشنرشهيد بينظيرآباد ابراراحمد جعفر چيو آهي ته پنج سالن جي عمر تائين جي سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ته جيئن ضلع مان پوليو وائرس جو خاتمو يقيني بڻائي مستقبل جي معمارن کي سڄي زندگي جي معذوري کان بچائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهارهن ڊي سي آفيس جي درٻارهال ۾ ضلع ۾ 17 فيبروري کان شروع ٿيندڙ 5 ڏينهن واري پوليو جي خاتمي واري خصوصي مهم جي انتظامن جي سلسلي ۾ ڪميٽي جي  اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته پوليو وائرس جي موجودگي ٻارن جي صحت لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهي ان لاءِ سڀئي والدين پوليو خلاف مهم دوران گهر گهر ايندڙ ٽيمن سان تعاون ڪري پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيارين. ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته پوليوخلاف مهم دوران سياسي،سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن جو تعاون پڻ حاصل ڪيو وڃي ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا نه پياريندڙ والدين کي راضي ڪيو وڃي جڏهن ته پوليو خلاف مهم جي غلط پروپيگنڊا ڪرڻ وارن ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪاري والدين جي خلاف قانوني ڪاروائي پڻ ڪئي ويندي.ڊپٽي ڪمشنر سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي علائقن جي مدرسن ۾ پڙهندڙ ٻارن کي پڻ پوليو کان بچاءِ جا ڦرا پيارڻ لاءِ خاص اپاءِ وٺن. ڊي سي، اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاھه طارق سولنگي پاران گذريل پوليو مهم دوران کنيل قدمن تي کيس شاباس ڏني. ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر معين الدين شيخ ۽ پوليو خلاف مهم جي فوڪل پرسن ٻڌايو ته ضلع ۾ ايندڙ مهيني 17 کان 21 فيبروري تائين منعقد ٿيندڙ 5 ڏينهن واري پوليو خلاف خصوصي مهم جا ضروري انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن هنن وڌيڪ ٻڌايو ته هن مهم دوران ضلعي شهيد بينظيرآباد جي پنج سال عمر تائين جي 3 لک 72 هزار 248 ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ 893 پوليو ٽيمون جوڙيون ويون آهن جن ۾ 770موبائل،53 ٽرانزٽ ، 70 فڪس ۽ ٻيون ٽيمون شامل آهن.اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنيد حميد سمون،ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عبدالستار راٺوڙ،ڊويزنل ڪوارڊينيٽر ڊبليوايڇ او ڊاڪٽر عالم آزاد،سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ پوليو سپروائيزرن کان علاوه پوليس،تعليم،پاپوليشن،سوشل ويلفئير ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو