مختلف کاتن جي ڪامورن کي ترقيون ڏيڻ جي منظوري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي سربراهي ۾ سليڪشن بورڊ ون جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ مختلف کاتن جي ڪامورن کي مٿين گريڊن ۾ ترقين جي منظوري ڏني وئي، وڏي جي ترجمان موجب 40 ڊاڪٽرن کي 20 هين گريڊ ۾ ۽ سينيئر ميڊيڪل آفيسر ۽ 26 ڊڪٽرياڻين کي سينيئر وومين ميڊيڪل آفيسر طور ترقين جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ورڪس اينڊ سروس کاتي جي فدا حسين ۽ زاهد قريشي کي 20 هين گريڊ ۾ چيف انجنيئر طور ترقي ڏني وئي آهي، ترجمان موجب پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي نور احمد جلباڻي کي 20هين گريڊ ۾ چيف انجنيئر طور ترقي ڏني وئي ۽ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سليم شيخ کي 20هين گريڊ ۾ چيف انجنيئر ورڪس طور ترقي جي منظوري ڏني وئي، اهڙي طرح اطلاعات کاتي جي غلام ثقلين کي 20 گريڊ ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور ترقي جي منظوري ڏني وئي ۽ سروسز کاتي جي 5 ايڪس پي سي ايس آفيسرن آغا عبدالرحيم، رشيد زراري، امتياز شيخ، احمد علي قريشي ۽ جاويد مهر 20 هين گريڊ جا آفيسرز بڻجي ويا، اجلاس ۾ تعليم کاتي جي عنايت الله شيخ، دلاور خان، هارون لغاري، وحيد انڍڙ ۽ شاهنواز سهتو کي به 20 هين گريڊ ۾ ٽيچنگ ٽريننگ اسڪولن ۾ پرنسپال ۽ پروفيسر طور 20 هين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري ڏني وئي، ترجمان جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي جي مبينا جکرو، فوزيا سلطانا، نيئر رفيق، توشين ڪوثر ۽ فاطمه زهري کي به 20 هين گريڊ ۾ ٽيچنگ ٽريننگ اسڪولز ۾ پرنسپال ۽ پروفيسر طور ترقين جي منظوري ڏني وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو