مختلف شهرن ۾ هوائن ۽ وسڪاري سبب موسم خوشگوار، بجلي غائب

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ هوائون گهلڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب مئي جهڙي گرم مهيني ۾ به موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. بجلي ۽ مواصلات جو نظام متاثر ٿيو آهي. ڪجهه علائقن ۾ وڻن جا ڏار ڀڄي پيا آهن، ڪکائن گهرن جون ڇتيون ۽ سائن بورڊ پٽجي ويا آهن.  ٽن ڏينهن کان هلندڙ بارش سبب ڪيترن علائقن ۾ جتي واهن جو پاڻي ناهي پهتو، برسات سبب رجي ويل زمينن ۾ هر ڪاهڻ شروع ڪيا آهن ۽ وونئڻن جي پوکيل فصل کي قدرتي پاڻي ملي ويو آهي. زرعي ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن علائقن م ڪجهه ڏينهن بعد گند گاهه ڦٽندو. کپرو مان خادم سروري موجب مٽي جو طوفان آيو ۽ برسات شروع ٿي وئي. نوشهروفيروز مان مشتاق حسين مري موجب تيز بارش سبب موسم بهتر ٿي وئي آهي پر بجلي غائب ٿي وئي آهي. داد لغاري مان باقر پتافي موجب گذريل رات ڪينجهر پتافي ڳوٺ ۾ امير بخش جي ڪچي اوطاق مٿان وڄ ڪرڻ سبب ڀت ڏري وئي آهي ۽ پاسي ۾ بيٺل ٻير جي وڻ کي چير لڳي ويو آهي پر ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. جروار، خانپور مهر ۽ آس پاس جي علائقن مان پڻ بارش جو اطلاع آهي. برسات دوران روڊ حادثن ۾ ڪجهه ماڻهن جي زخمي ٿين جا پڻ اطلاع آهن. نوابشاهه، سڪرنڊ، ڪوٽڙي ڪبير، ٺارو شاهه، شاهپور چاڪر، ٽنڊو ڄام، ڄام نوز علي، سکر، پنو عاقل مان به برسات جا اطلاع مليا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو