مختلف شهرن ۾ جهيڙن جا واقعا، هڪ فوت 5 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معمولي معاملن تان جهيڙن ۽ مختلف واقعن جون مختصر خبرون. ***سکر مان جيرام داس موجب معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته پوليس 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. شمس آباد واري علائقي ۾ پاڙيسرين جو معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هنن هڪٻئي تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو. پوليس موجب جهيڙي دوران ڏنڊا لڳڻ سبب الله رکيو انصاري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال پئي ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر پهچايو ويو، جڏهن ته 4 جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو.*** گلاب لغاري مان سليمان چانڊيو  موجب گهر جي ڇت تي چڙھڻ جي مسئلي تان سمون برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي لتون مڪون ڏنڊا لڳڻ سبب بلاول دلاور الھرايو ۽ ڪامران زخمي ٿي پيا گلاب لغاري پوليس ٻنهي ڌرين جو رپورٽون درج ڪري کين اعلاج لاء ليٽر ڏيئي اسپتال روانو ڪيو جڏهن جھيڙي جي وڌيڪ خدشي سبب پوليس دلاور سمون فيروز سمون کي ٿاڻي اندر ويھاري ڇڏيو.*** ٽنڊو غلام حيدر مان ميرحسن رند موجب ڳوٺ غلام محمد ڪلر ۾ 9 سالن جي معصوم نينگر ارشاد علي ڪلر جو گهر ۾ ٽنگيل لاش هٿ اچڻ واري معاملي جي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڊي ايس پي ٽنڊو غلام حيدر حفيظ الرحمن بلوچ ۽ متارا پوليس انچارچ اي ايس آئي آدم خان خشڪ واقعي جي جاچ لاء قتل ٿيل نينگر جي ڳوٺ پهچي تفصيل معلوم ڪيا. مقتول نينگر جي ماءُ پوليس کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي هن خودڪشي ناهي ڪئي. *** پڊعيدن مان مجاهد شر موجب نصرت ڪئنال مان تازي ڄاول ٻار جو لاش هٿ آيو آهي.لاش ترندڙ ڏسي شھرين پوليس کي اطلاع ڏنو.

پوليس لاش ڪڍرائي بخاري قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او پڊعيدن  راڻا جمشيد راجپوت ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻار جو لاش هڪ ڏينهن پراڻو آھي جيڪو مسخ ٿي ويو آھي.ٽائون انتظاميا کي چيو پر هنن ڪو به تعاون نه ڪيو.*** ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب مدرسا محلي ۾ ملڪيت جي تڪرار تان سوٽن ۾ جهيڙو پوليس اهلڪار مقصود چنو سئوٽن هٿان زخمي ٿي پيو. زخمي پوليس اهلڪار مقصود چني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  آءُ والدين جو اڪيلو پٽ آهيان گهر وارو پلاٽ منهنجي ملڪيت آهي جنهن تي منهنجا سوٽ قبضو ڪرڻ چاهن ٿا ۽ زبردستي پلاٽ جو حصو گهرن ٿا.

اڄ منهنجي گهر مٿان سوٽن حملو ڪري مون کي ۽ منهنجي ماءُ کي مارڪٽ ڪئي جنهن جي فرياد سي سيڪشن پوليس چوڪي تي داخل ڪرائي آهي ۽ جوابدار هن مھل تائين گرفتار نه  ٿيا آهن هن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته  کيس تحفظ فراهم ڪري ۽ گهر مٿان قبضو ڪندڙن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو