محمد عامر لنڊن پهچي ويو، ضروري ناهي ته کيس کيڏايون، وقار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر لنڊن پهچي ويو آهي جتي سندس ٻه ڪورونا جا ٽيسٽ ٿيندا ۽ نيگيٽو رپورٽ اچڻ بعد کيس ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ اڳ ۾ ئي سندس ٻه ٽيسٽ نيگيٽو آي جنهن بعد مساجر عمران سان گڏ کيس لنڊن موڪليو ويو. پاڪستان جي بولنگ ڪوچ وقار يونس جي ان بيان عامر سميت سڀني لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي ته ڪو به رانديگر ناگزير ناهي، عامر کي گهرائڻ جو مقصد ضروري ناهي ته کيس کيڏايو به وڃي، جيڪو بهتر پرفارم ڪندو ان کي کيڏايو ويندو. هن چيو ته نسيم ۽ شاهين آفريدي  محنت ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي وڪٽ وٺڻ جا گر به سکن پيا. عامر جي پهچڻ بعد وڪٽ ڪيپر بيٽسمين روحيل نذير کي اسڪواڊ مان رليز ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو