محمد اسماعيل ڏاهري کي آزاد ڪيو، جيالن جي ريلي، احتجاج

مورو (اياز سولنگي) دولتپور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ ڏاهري برادري سميت مختلف برادرين جي ماڻھن پاران اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سردار محمد اسماعيل ڏاهري کي عدالت پاران سزا ڏيڻ خلاف ۽ سندس جي رهائي لاءِ سردار محمد اسماعيل ڏاهري جي هائوس تان هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف هنڌن کان ٿيندي دولتپور صفن پريس ڪلب پهتي. ريلي جي اڳواڻي علي شير ڏاهري، غلام نبي ٻگهيو، عمران جمالي، عاشق پلي، علي اصغر ٻگھيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا اڳيان ڳالھائيندي چيو ته اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سردار محمد اسماعيل ڏاهري مٿان بلاجواز ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندس کي سزا هنئي وئي آھي جيڪا سراسر ناانصافي آھي  پ پ سان محبت ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زردري سان گڏ هجڻ جي ڪري سندس مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته موجوده وفاقي حڪومت جا پ پ کي ختم ڪرڻ جا خواب ڪڏهن به پورا نه ٿيندا پ پ هميشه قائم ۽ دائم رهندي. هنن مطالبو ڪيو ته اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سردار محمد اسماعيل ڏاهري جي مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ۽ سزا ختم ڪري سندس کي باعزت بري ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو