محرم الحرام دوران امن امان بابت گهوٽڪي ۾ اجلاس

میرپور ماٿيلو(ظھير وسير) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد خالد سليم چيو آهي ته ضلعي گهوٽڪي ۾ مذهبي هم آهنگي موجود آهي ان جي باوجود ملڪ جي موجوده صورتحال جي پيش نظر محرم الحرام دوران ملڪ دشمن قوتون فساد ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿيون انڪري اسان سڀني کي گهرجي ته متحد ٿي ملڪ ۽ قوم جي گڏيل دشمن کي شڪست ڏيون اهڙن خيالن جو اظهار هُن پنهنجي آفيس ۾ محرالحرام جي حوالي سان ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو، گڏجاڻي ۾ شهباز رينجرز سردار ڳڙهه جي ونگ ڪمانڊر ڪرنل نيئر ۽ ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ لنجار سميت اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊي.ايس.پيز، صحت، سيپڪو ۽ ميونسپل کاتي جي آفيسرن توڙي مختلف مڪتبه فڪر جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته عاشورن دوران  امن و امان قائم رکڻ لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويندا ان سلسلي ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏبي، ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ۽ شرپسند عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪنداسون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو