ماڪڙ خلاف صالح پٽ ۾ جهاز ذريعي ڦوهارو شروع ٿي ويو

صالح پٽ (نياز مهر) سنڌ حڪومت جي درخواست تي وفاقي حڪومت ماڪڙ خلاف ڦوهاري لاءِ جهاز سنڌ حڪومت کي فراهم ڪري ڇڏيو. ديھه سونهري يوسي لعل جڙيو ۾ پلانٽ پروٽيڪشن جي طرفان جهاز جي ذريعي ماڪڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسپري شروع ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي زراعت کاتي جي ڊائريڪٽر رسول بخش جوڻيجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت ۽سنڌ گورنمينٽ جي طرفان ماڪڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ جهاز جي ذريعي اسپري ڪيو ويو آهي انشا الله جلد آباد گارن جون شڪايتون دور ڪيون وينديون تعلقي صالح پٽ جي علائقن ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي ھئي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه بار بار وفاقي حڪومت کي لکيو هو ته جلد کان جلد ماڪڙ جي خاتمي لاءِ اپاءَ ورتا وڃن جنهن جي ڪري اڄ تعلقي صالح پٽ جي ديھه سونهري ۾ جهاز ذريعي اسپري ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو