ماڊل ڪورٽ قتل جي ڏوهه مان 3 جوابدار آزاد ڪري ڇڏيا

نوشھروفيروز(ڊ ر) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالوحيد شيخ جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. ڪنڊيارو ٿاڻي تي فريادي منظور علي گاڏھي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته مان ۽ منهنجو چاچو مقتول سڄڻ گاڏھي شھر ۾ ويٺا هياسين ته نصير گاڏھي اچي چيو ته ڪنهن ڪم سان ڇنڊڻ جي ريگيوليٽر وٽ ھلڻو آھي اسان جڏھن اتي پھتاسين ته قدير کوسو, فداحسين شاھ ۽ ٻه نامعلوم ماڻھو اتي اڳ ئي بيٺل هيا جن جي ھٿن ۾ لوھي شيخون ھيون جوبدارن سرين ۽ شيخن سان وار ڪري مقتول سڄڻ گاڏھي کي قتل ڪري ڇڏيو. عدالت قتل جو  اھڙو ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو