ماني ۾ دير ڇو ڪئي، مڙس جو زال تي بي رحماڻو تشدد

ميرپورخاص (سيد بشير شاھ) ماني دير سان ملڻ تي ٿامس آباد جي رهائشي سدرا مڙس هٿان تشدد جو نشانو بڻيل سول اسپتال داخل .جتي هن صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته آئون شادي شده آھيان ۽ مون کي 3 ٻار آھن.گذريل ڏينهن منهنجي مڙس گلشير بهيلم گهر ۾ اچي پنهنجو فرمائشي طعام تيار نه ڪرڻ تي مون کي لوهي سرئيي سان بي رحماڻو تشدد ڪيو جنهن سبب بيهوشي جي حالت ۾ پاڙي وارن کڻي سول اسپتال پهچايو. هن چيو ته گيس نه هجڻ ڪري ماني ديرسان تيار ٿي ته منهنجو مڙس مڇرجي پيو ۽ مون مٿان بي رحماڻو تشدد ڪيائين جنهن جو اطلاع مون لڊيز پوليس سٽي ٿاڻي شڪايت ڪئي کيس پوليس هڪ ڏينهن لاڪپ ڪيو ليڪن جيئن ته سندس ڀيڻ شبانه بهيلم پوليس کاتي ۾ ملازم پٽي ڀائي هجڻ  ڪري ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ڪالھ کان وٺي گلشير بهيلم مونکي گهر کان لوڌي ڪڍي ڇڏيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو