ماني پچائڻ ۾ دير، مڙس زال کي قتل ڪري ڇڏيو

لکي غلام شاھ (نثارمنگي) رستم ٿاڻي جي حد ۾ ماني دير سان پچائڻ تي مڙس پنهنجي نوجوان زال کي گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو، ڳوٺ علي خان بڊاڻي ۾ مڙس شهمور عرف شمن بڊاڻي جتوئي ماني دير سان پچائڻ تي نوجوان زال اشرف خاتون کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. واردات کانپوءِ جوابدار پنهنجي جان بچائڻ لاءِ فرار ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهتي ۽ لاش اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مقتولڻ جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب جوابدار ماني دير سان پچائڻ تان ڏمرجي پيو ۽ پنهنجي زال کي گهٽا ڏنا. واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو