مال جي گم واپاري ۽ هوٽل بند ڪرائڻ خلاف ڌار ڌار مظاهرا

نوشهروفيروز (منظور ملڪ)چوپائي مال جو واپاري پر اسرار نموني گم ٿيڻ خلاف سندس وارثن ۽ لاڪ ڊا.ون جي بهاني هوٽل بند ڪرائڻ، کير هارڻ ۽ بينچون کڻي وڃڻ تي پوليس خلاف هوٽل مالڪن ۽ مزدورن ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا. هوٽل مالڪ ۽ مزدورن جو پوليس پاران زبردستي هوٽلون بند ڪرائڻ، کير هاري موبائل فون ۽ ڪرسيون بينچون کڻي وڃڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي راشد خاصخيلي، عبدالحميد، راشد کوسو، منظور لوهر، رياض جروار، علي خان ڪورائي، جمشيد ۽ ٻين جو چوڻ هو ته نوان جتوئي ٿاڻي جو ايس ايڇ او نصرالله جانوري ۽ وڏو منشي اصغر ملاح پنهنجي پرائيويٽ ماڻهن سان گڏ اسان جي هوٽلن تي چڙهائي ڪري کير هاري زبردستي هوٽلون بند ڪرائي ڇڏين ٿا. هنن چيو ته پوليس وارا اسان کان روز پئسا گهرڻ سان گڏ مفت ۾ کير گهري رهيا آهن اسان غريب ماڻهو هوٽلن جي مسواڙ ڏيون، مزدورن کان پئسا ڏيون يا پوليس وارن جي ڪيون. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته نوان جتوئي پوليس رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڌمڪي رهي آهي. هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مزدورن سان ناانصافيون ڪندڙ نوان جتوئي جي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي خلاف قدم کڻي اسان کي روزگار ڪرڻ ڏنو وڃي.ٻئي پاسي  ڀرياسٽي جي   ڳوٺ گل محمد بلر جي رھواسين گل بھار بلر ـ مسمات الھ بچائي بلر ـ مسمات ساجدھ بلر ۽ ٻين پريس ڪلب ڀرياسٽي  اڳيان  سخت احتجاجي مظاھرو ڪندي الزام ھڻندي ٻڌايو تـ سندن گھر ڌڻي صيفل بلر پنهنجي پٽ عبدالحميد سان گڏ چار ڏھاڙا  اڳ ڳوٺ کان ڪراچي مال پڙي ۾  چوپايو مال کڻي وڃي رھيا ھئا تـ مخالف ڌر جي ماڻھـن مراد بلر الاھي بخش بلر کين ڀرياسٽي پوليس ھٿان گرفتار ڪرايو جيڪو بعد ۾ پوليس  نوجوان عبدالحميد کي ڇڏي ڏنو ۽ گھر ڌڻي صيفل بلر اڃا تائين گم آھي

Photo Sindhyar

جيڪو گھر نـ پھتو آھي  ھنن چيو تـ اسان ڀرياسٽي پوليس کان معلوم ڪيو آھي جن ٻڌايو تـ اسان کيس ڇڏي ڏنو آھي اسان کي خدشو آھي تـ اسان جي گھر ڌڻي کي مخالف ڌر جي ماڻھن سڱاوتي پراڻي تڪرار تان کيس ھٿ سان گم ڪرايو آھي  ھنن ڊي آء جي شھيد بينظير آباد ايس ايس پي نوشھروفيروز کان گھر ڪئي تـ معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائي سندن گم ڪرايل گھر ڌڻي مال جي واپاري صيفل بلر کي جلد بازياب ڪرائي کين  انصاف فراھم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو