مال جي چوري تان اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو

غوثپور(عبدالنبي ملڪ)ڪچي جي ڳوٺ يار محمد اوڳاھي ۾ اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوپائي مال جي چوري تان جھيڙو، فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب نورحسن اوڳاھي ۽ احسان اوڳاھي زخمي ٿي پيا. جھيڙو يار محمد اوڳاھي ۽ جلال اوڳاهي جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيو آهي. يار محمد اوڳاھي ڌر حملو ڪري جلال اوڳاهي جي ڌر جا 2 ڄڻا گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيا آهن جن کي وارث ڪنڌڪوٽ جي اسپتال علاج لاءِ کڻائي ويا آهن. پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي، ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ڌريون مورچا بند، ڳوٺاڻن ۾ خوف ڇانئيل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو