ماءُ پٽن کي قتل ڪندڙ جي ڦاسي سزا عمرقيد ۾ تبديل

حيدرآباد(ن سنڌيار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ فصل جي ڀيل تان ماءِ ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس ۾ ڦاسي جي سزا ٻڌايل 4 جوابدارن جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. جوابدار سميڙو ڪولهي, جالو ڪولهي,گهماڻو ڪولهي ۽ رگهو ڪولهي کي ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي 2017ع دوران ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي. ننگر پارڪر ٿاڻي تي 2011ع دوران آنبو ڪولهي پنهنجي پٽن نول ڪولهي, ڌانو ڪولهي ۽ زال شريمتي مروان جي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو هو. فريادي جو ڪيس ۾ موقف ھو تھ فصل جي ڀيل تان جوابدارن هم صلاح ٿي پٽن ۽ زال کي قتل ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو