لنڊي واھ جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ٻئي ڏينھن به احتجاج

ميرپورماٿيلو(ن س) لنڊي واهه جي آبادگارن صديق سميجو، غلام علي ڇنڇرو، نواب سميجو، ڪتب ملھڻ، زبير شاھ ۽ محمدعلي شاھ جي اڳواڻي ۾ جهانپور شريف ۾  احتجاجي مظاهروڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگارن چيو ته پڇڙي ۾ پاڻي نٿو پهچي جنهن ڪري زمينون بنجر بڻجي ويون آھن. هنن چيو ته سيڊا ڊائريڪٽر واهن جي کاٽي لاء آيل لکين روپيا هڙپ ڪري ويو آهي ۽ واهن جي کاٽي نه ٿي آھي. ايس ڊي او توڙي داروغو رشوت گھرن ٿا. آبادگارن لاڳاپيل کاتي جي اختيارين  کان گھر ڪئي تہ لنڊي واھ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪري بيچيني ختم ڪئي  وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو