لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي بئنڪن ٻاهران هجوم گڏ

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون باوجود اڪثر شهرن مان آيل روپرٽس موجب بئنڪن ٻاهران ماڻهن جا هجوم بيٺل آهن، فاصلي تي بيحن وارين هدايتن تي ڪٿي به عمل نظر نه آيو، بئنڪ انظاميه توڙي پوليس اهلڪار ان بابت مداخلت نٿا ڪن ۽ سنڌ حڪومت جي هدايتن جي کلم کلا خلاف ورزي جاري آهي. ڪنڌ ڪوٽ، ڀريا روڊ، پڊعيدن، سکر، گهوٽڪي، ڊگهڙي، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو مان رپورٽرن موجب بئنڪن ٻاهران قطارون لڳل آهن.

پڊعيدن ۾ بئنڪ ٻاهران رش

هوڏانهن ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جو هڪ مريض فوت ٿي ويو آهي. نوشهري فيروز ۾ برگيڊيئر جھانگير خان 12 برگيڊ ڪمانڊر پنو عاقل ڪنٽونمينٽ نوشهرو فيروز پھتو جتي هن لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ لاءِ پهتل آرمي ڪئمپ جو معائنو ڪرڻ سان گڏوگڏ شھر ۾ قائم ڪيل ٽن آئسوليشن سينٽرن اسٽار گرامر اسڪول، بحريا فائونڊيشن ڪاليج ۽ آءِ بي اي ڪاليج جو معائنو ڪيو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪئپٽن رائو بلال شاهد کيس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ لاءِ انتظاميه سخت اپاءَ ورتا آھن هتي ڪرونا جو اڃا تائين ڪوبه پازيٽو ڪيس سامهون ناهي آيو. ٻئي پاسي ملير مان نمائندي موجب گلشن حديد قائم ھڪ نجي اسپتال الخدمت اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.

ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ بعد ڪرونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو آئي آهي، ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو پاڪستان اسٽيل اسپتال جو اڳوڻو ايم ايس ۽ ھن وقت الخدمت اسپتال گلشن حديد جو انچارج ۽ علائقي جو ناليوارو ڊاڪٽر آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو