لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي، پوليس هٿان 10 ڄڻا گرفتار

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ)لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 10 ڄڻا گرفتار ڪري سندن خلاف ٽي الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا. بعد ۾ ڪجهه ماڻهن کي شخصي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. گرفتار ٿيلن ۾ احسن خانزاده ، سراج قريشي ،عمرعرف رومي خانزاده ، مصطفيٰ ڀٽي ، صوڀو واڻيو ، عامر خانزاده ، محمد احمد ولهار ، مير مرتضيٰ کوکر ، محمد راهو ، سجاد کوکر شامل آهن جڏهن ته چار اڻ سڃاتل پڻ ساڳي ڪيس ۾ آهن. گرفتار ٿيلن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان پنهنجي گهران ڪم ڪار سانگي شهر طرف کاڌي پيتي جون شيون وٺڻ لاءِ نڪتا هائوسون سڪرنڊ پوليس اسان کي گرفتار ڪري اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. ٻي طرف سڪرنڊ پوليس موجب ته گرفتار ٿيل نوجوان بلاجواز موٽر سائيڪلن تي چڙهي شهر ۾ گهمي لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا هئا. بار بار لائوڊ اسپيڪر تي منع ڪرڻ باوجود هي گهرن کان ٻاهر نڪري مختلف چوڪن تي گهمي رهيا هئا ته سندن کي گرفتار ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو