لاڙڪاڻي واسين جي ڪارڪلٽي 7 ڄڻا زخمي

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)ڳوٺ  راڄڙي لڳ انڊس هاءِ وي تي  لاڙڪاڻو کان ڪراچي طرف ويندڙ تيز رفتاري سبب  ڪار موڙ ڪاٽيندي  ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾  نجيب الله  کونهارو سندس گهر واري صدف پٽ  مبين کونهارو، منيب کونهارو ڌيئرون معراج فاطمه، زويا ۽ ملازم وسيم جويو   زخمي ٿي پيا.  زخمين کي ايمبولنس دير سان پهچڻ سبب واٽھڙو ڪار سوارن تعلقي اسپتال مانجهند آندو جتي علاج جي سهولت نه هئڻ سبب سمورن زخمين کي  سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو