لاڙڪاڻو پوليس جو ڪريڪ ڊائون 20 ڏوهاري گرفتار

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش جي طرفان جاري ڪيل هدايتن تي لاڙڪاڻي پوليس جو ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون. قتل، ڦر، چوري ۽ پوليس مقابلي جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث اشتهاري ۽ روپوش 20 ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا. جن کان اسلحو، منشيات، ۽ چوري ڪيل موٽر سائيڪليون برآمد ڪيون ويون. لاشاري پوليس قتل جهڙي سنگين ڏوهن ۾ ملوث مجرم عامر ويسر کي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪيو ويو. مارڪيٽ پوليس به ڪامياب ڪاروائي ڪندي قتل ۽ ڦر جهڙن سنگين ڏوهن ۾ اشتهاري ڏوهارين اعجاز ابڙو ۽ محمد بخش ابڙو سميت ملزم غلام عباس ڪرٽيو ۽ ملزم واجد گولو کي چرس سميت گرفتار ڪيو ويو. نئون ديرو پوليس چيڪنگ دوران ملزم  ڪامران ميراني کي 3 ڪلو چرس سميت گرفتار ڪيو ويو. سچل پوليس به ڪافي ڏينهنِ کان روپوش رهندڙ ملزم شمس عمراڻيء کي گرفتار ڪري ورتو. گڙهي خدا بخش ڀٽو پوليس مخلتف ڏوهن ۾ گهربل ملزم نويد پتافي ۽ علي گوهر پتافي کى گرفتار ڪري ورتو. سول لائين پوليس به ملزم حامد ھليو کي شراب سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. باڊھ پوليس ملزم محمد بخش سومرو کي هڪ ڪلو هڪ سؤ گرام چرس سميت گرفتار ڪري چڏيو. رحمت پور پوليس به مختلف ڏوهن ۾ گهربل ملزم احسان ڪلهوڙي کي گرفتار ڪري ڇڏيو. يونيورسٽي پوليس به پنج گهربل ڏوهارين عبدالنبي جتوئي، راحب، عجيب، طارق ۽ گمبل شاھ کي گرفتار ڪيو آهي. ايس ايڇ او يونيورسٽي هڪ شهري نالي علي شير کان ڦرجي ويل موٽر سائيڪل به هٿ ڪري ورتي. تعلقا پوليس هڪ شهري نالي نازل ڪرٽيو کان ڦر ڪيل رقم هٿ ڪري مالڪ جي حوالي ڪئي وئي ۽ گرفتار ملزم کان پڇا ڳڇا جو سلسلو جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو