لاهور هاءِ ڪورٽ پاران فواد حسن فواد خلاف نيب جا الزام رد

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسين فواد تي لڳايل نيب جي سڀني الزامن کي لاهور هاءِ ڪورٽ رد ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس محمد طارق عباسي ۽ جسٽس چوڌري مشتاق حسين تي مشتمل ڊويزن بينچ پنهنجي تفصيلي فيصلي م چيو آهي ته ملزم خلاف ناجائز اثاثن جو ڪو به الزام نيب ثابت ناهي ڪري سگهي ڪو به ثبوت ناهي مليو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب سندس ملڪيت جي قيمت 50 ڪروڙ ٻڌائي پر ريفرنس 7 ڪروڙ 85 لک ڄاڻائي، فواد حسن فواد، سندس گهر واري رباب  حسن، ڀاءُ وقار حسن، سالي انجم حسن ۽ فهميدا يعقوب جي ڪنسٽرڪشن ڪمپني (ايف واءِ سي) جا مالڪ ڄاڻايو ۽ چيو ته دي مال راولپنڊي انهن جي ملڪيت آهي جنهن جي ماليت 5 ارب ڄاڻائي. ان بابت ڪو ثبوت فراهم نه ڪيو ويو ۽ نه ملڪيت ثابت ٿي. فواد حسن فواد ۽ سندس گهر وارن جا 14 بئنڪ اڪائونٽس جي ڳالهه ڪئي وئي پر ريفرنس ان بابت خاموش آهي. فواد جا مائٽ چون ٿا هنن پنهنجا اثاثا پاڻ ٺاهيا آهن ۽ ان بابت به فواد جي ملوث هئڻ بابت نيب ثبوت پيش ناهن ڪيا. فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته هڪ طرف هي حقيقتون آهن ٻئي پاسي ٺوس پيش رفت بنا 19 مهينا فواد حسن فواد کي قيد ۾ رکيو ويو . سندس شريڪ ملزم تي اڃا فرد جرم ئي عائد ناهي ڪئي وئي، انهن کي غير معينه مدت تائين قيد نٿو ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو