لاهور جي ملتان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڪرس لين جي سينچري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل ۾ ملتان وارن مقرر اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 186 رنزجي جواب ۾ لاهور قلندرز ڪرس لين جي سينچري ۽ فّر جي نصف سنچري سبب گهربل اسڪور19هين اوور ۾ پورو ڪري 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. اننگ جا اڃا 7 بال رهيل هئا. ٺاهيون. جنهن جي جواب ۾ فخر الزمان ۽ ڪرس لين شاندار بيٽنگ ڪندي اوپننگ وڪٽ جي پارٽنر شپ ۾ سينچري اسڪور ڪئي. فخر ٻن ڇڪن 7 چوڪن جي مدد سان 35 بالن تي 57 رنز ٺاهي وڏي شاٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪندي عثمان قادر جي بال تي ڪيريز کان ٻاهر آيو ته ڪيپر ذيشان اشرف اسٽم آئوٽ ڪيس. ڪرس لين 8 ڇڪن ۽ 12 چوڪن جي مدد سان 55 بالن تي 113 رنزٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

ڪپتان سهيل اخترٻن چوڪن جي مدد سان 23 بالن تي 19 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ان کان اڳ لاهور قلندرز جي ڪپتان ٽاس کٽي سلطانز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ملتان جي ٽيم اڳ ۾ ئي پوائنٽ ٽيبل تي ٽاپ تي آهي ۽ سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. جيڪڏهن لاهور اڄ جي ميچ کٽي ته هو به سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندي. ملتان وارن شاهد آفريدي، عمران طاهر ۽ سهيل تنوير کي آرام ڪرايو آهي انهن جي جاءِ  تي نون پليئرز کي موقعو ڏنو آهي. پي ايس ايل فائيو جو هي 29 هين ميچ آهي. ملتان جي اننگ معين علي ۽ ذيشان اشرف شروع ڪئي. جڏهن ته لاهور پاران پهريون اوور شاهين آفريدي ڪرايو ۽ معين علي 5 بالن تي هڪ رن ٺاهي آفريدي هٿان بولڊ ٿيو.

جڏهن ته ٻيو اوور محمد حفيظ ڪرايو ۽ هن 3 بالن تي 2 رنز ٺاهيندڙ ذيشان کي متبادل هٿان ڪيچ ڪرايو. 1.3 اوورز ۾ 4 رنز تي 2 آئوٽ هئا. بعد ۾ ڪپتان شان مسعود ۽ روي بوپاڙا بهترين راند ڪندي ڊگهي پارٽنر شپ جوڙي ملتان کي سهارو ڏنو. جڏهن ته ٻيو اوور محمد حفيظ ڪرايو ۽ هن 3 بالن تي 2 رنز ٺاهيندڙ ذيشان کي متبادل هٿان ڪيچ ڪرايو. شان مسعود 5 چوڪن جي مدد سان 29 بالن تي 42 رنز ٺاهي ڊيوڊ ويز جي بال تي بولڊ ٿي، روي بوپاڙا 4 چوڪن جي مدد سان 36 بالن تي 33 رنز ٺاهي ڊيوڊ ويز جي بال تي متبادل هٿان ڪيچ ٿي ويو. خوشدل شاهه آخرڪار وڏي اننگ کيڏڻ م ڪامياب ويو 6 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 29 بالن تي 70 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

اسد شفيق هڪ بال تي هڪ رن ٺاهي رن آئوٽ ٿيو. روحيل نذير هڪ ڇڪو 2 چوڪن جي مدد سان 17 بالن تي 24 رنز ٺاهي شاهين آفريدي هٿان بولڊ ٿيو ۽ بلاول ڀٽي هڪ بال تي هڪ رن ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو