صنعان قريشي ۽ قومپرست اڳواڻن خلاف ڪيس داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌي وسندين تي بحريه ٽائون جي والار خلاف ڌرڻي بعد سنڌ حڪومت جي حڪم تي قومپرست قيادت سوڌو سوين پر امن مظاهرين ۽ قومي ڪارڪنن خلاف انسداد دهشتگردي ايڪٽ تحت هنگامن ۽ ڀڃ ڊاهه جا 3 الڳ الڳ ڪيس گڏاپ ٿاڻي تي داخل ڪري ڇڏيا ڪيس ۾ اياز لطيف پليجو ڊاڪٽر قادر مگسي، جلال محمود شاهه ۽ صنعان قريشي ، مشتاق سرڪي ، رياض ڇانڊيو سوڌو سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جا نالا به شامل ڪيا ويا، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ گرفتار 120 ڪارڪنن جا نالا به نامزد ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو