قومپرستن لاءِ ٽامو بڻايل سنڌ ڌرتي

تحرير ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

بحريا ٽائون جي گيٽ اڳيان گذريل 6 جون تي لڳايل ڌرڻي کانپوءِ جيڪا ڇڪتاڻ ۽ قومپرست ڌرين خلاف وٺ پڪڙ نظر آئي، تنهن هڪ پاسي اهو سوال به اٿاريو ته اهي ڇاپا ۽ ڪارروايون انهن سنڌ جي سپوتن خلاف ٿي رهيون هيون، جن جو ڏوهه اهو آهي ته هو سنڌ جي حقن ۽ ڌرتي ڌڻين جي دلين جو آواز بڻجي اقتداري ايوانن جا ڪَنَ کڙڪائڻ لاءِ روڊن رستن تي ٻاهر نڪرڻ کان به نه لنوائين ٿا ۽ نه گهٻرائين ٿا، ساڳئي وقت اها مايوسي ۽ بيچيني به ٿي ته هي سڀ ڪارروايون، ايف آءِ آرون ۽ ڇاپا انهن جي خلاف هنيا پيا وڃن، جيڪي هن سنڌ ڌرتيءَ جا اصل والي وارث آهن، پر افسوس ته انهن کي حق وٺڻ جي ڏوهه ۾ غدارين جا لقب ڏنا ٿا وڃن ته ان ئي رياستي ماڻهن جي مدعيت ۾ مٿن بغاوتن جا ڪيس داخل ڪرايا ٿا وڃن، سنڌ سان اڳ ڪڏهن به اهڙي صورتحال نه هئي، توڻي جو ترخانن‏، ارغونن، عربن ۽ دنيا جي ٻين طاقتور قومن سنڌ تي هلائون ڪيون، پر تڏهن اهڙا مثال قائم نه ڪيا ويا هئا ته سنڌ جي پنهنجي ئي ماڻهن کي بغاوتن جي اوڙاهه ۾ اڇلايو وڃي يا مٿن غدارين جا هن ريت لقب ڏنا وڃن، جهڙي ريت سنڌ جي زمينن تي قابض، طاقتور ۽ بااثر ڌرين جي خلاف آواز اٿارڻ تي قومپرستن کي هر طرح سان سوڙهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، بهرحال، سنڌ جا سچا ثپوت ۽ ارڏا جوڌا اهڙين گرفتارين ۽ ڪارروائين کان ڊڄڻ وارا ناهن، بلڪه هو ته گرفتاريون ڏيڻ لاءِ تياريون به ڪري چڪا هئا، ايتري تائين جو هڪڙي هڪڙي قومپرست رهنما جي گهر اڳيان ويهه ويهه پوليس موبائيلون ۽ اٽالا بيهاريا ويا، ان حوالي سان ساٿي دوست ايڊووڪيٽ خدا بخش ٿيٻو موجب ته پوليس  ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه ڪندڙ سائين جلال محمود شاهه جي ڄامشوري واري رهائشگاهه ٻاهران به ڪڙو چاڙهيو ته ساڳئي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ رياض چانڊيو سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومي رهنمائن ۽ ڪارڪنن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي، پوليس ته رڳو پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ مجبور هوندي آهي، انهن کي هدايتون ته اتان ئي ملنديون آهن، جتي فيصلا ڪيا ويندا آهن ته ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙي ريت ڏنڊي جي زور تي سنڌ جي ماڻهن جي حقن جي آواز کي دٻائڻو ۽ خوف ڦهلائڻو آهي. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ ان وقت بلاڪ ٿي وئي هئي، جڏهن جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ڪيئي ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود به کيس ظاهر ئي نه ڪيو ويو، سندس جان کي خطرو پيدا ٿيڻ ڪري مختلف تنظيمن جا ڪارڪن نٽهڻ اس ۾ گهرن مان ٻاهر نڪري ڪنهن به گرفتاري جي پرواهه نه ڪندي پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سخت احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو پئي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي فوري طور ازاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪارڪن سخت ردعمل وارو رستو اختيار ڪندا.ملڪي آئين تحت ڪنهن به حق تلفي يا زيادتي جي صورت ۾ جائز ۽ پرامن طريقي سان احتجاج ڪرڻ هر شهري جو بنيادي حق آهي، پاڪستان جو آئين ۽ قانون به کليل نموني ان جي اجازت ڏي ٿو. جڏهن ته ملڪي آئين جا سمورا شروعاتي آرٽيڪلز جيڪي اهو واضح ڪن ٿا ته هر شهري کي جائز چرپر ڪرڻ، تقرير ڪرڻ، آزادي سان پنهنجي راءِ اظهارڻ جو بنيادي حق آهي، جنهن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، ان هوندي به حڪمرانن طرفان ان کي روڪرائڻ آئين جي خلاف آهي ۽ ان عمل لاءِ انهن فورسز کي استعمال ڪيو ٿو وڃي، جن جو ڪم آئين تحت ملڪ ۾ قانون جي عملداري لاڳو ڪرائڻ هوندو آهي، پر هتي ته اُبتو سسٽم ٿي ويو، هاڻ ٻڌايو ته پنهنجي جائز حق لاءِ احتجاج ڪرڻ وارو غدار ٿيو يا آئيني حق کان روڪرائڻ وارا آئيني ڀڃڪڙي جا مرتڪب ٿيا آهن؟ چيو وڃي ٿو ته جڏهن ڌرڻي واري هنڌ قومي ڪارڪن پنهنجي قيادت جي آمد جو انتظار ڪري رهيا هئا ۽ جلسي ۾ اڃا تقريرون ئي ڪونه ٿيون هنيون پر پوءِ به کين ملڪ خلاف تقريرون ڪرڻ جهڙا سنگين الزام مٿن مڙهيا پيا وڃن، اهڙي طرح تنهن ڏينهن پوليس مختلف شهرن ۽ روڊن تي قومپرست ڪارڪنن کي ڌرڻي ۾ شرڪت کان روڪڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، ايتري تائين جو قلم ڌڻين ۽ صحافي ڀائرن کي به ڌرڻي ڏانهن وڃڻ کان روڪيو ويو، سنڌ جي نامياري صحافي دوست نعمت کهڙو به جڏهن ڌرڻي جي ڪوريج جي حوالي سان پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪراچي طرف وڃي رهيو ته سندس به رستا روڪ ڪئي وئي، ان مان اندازو لڳايو ته پوليس صحافي دوستن کي روڪي ضابطه اخلاق جون سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون ته پوءِ ڌرڻي واري هنڌ قومي ڪارڪنن سان ڪهڙو ناروا ورتاءُ ڪيو ويو هوندو؟ بحريا ٽائون جي گيٽ اڳيان جڏهن قومي ڪارڪنن جو سمنڊ اٿلي پيو، ته نه رڳو سنڌ جي حڪمرانن جون وايون بتال ٿي ويون ۽ اهي مافيائون به لِڪڻ ۾ پوريون ٿي ويون، جيڪي وڏي عرصي کان سنڌ جي سٻاجهڙن ماڻهن کي سازشون ڪري ڪراچي مان لڏائڻ جون سازشون ڪندا رهيا آهن ۽ سندن زمينون ڀڳڙن مٺ تي حاصل ڪري سنڌي وسندين کي ميسارڻ چاهين ٿيون بلڪه انهن کي پنهنجي ئي شهر مان لڏائڻ گهُرن ٿيون، اهڙي سازش خلاف جيڪڏهن احتجاج رڪارڊ ڪرائجي ٿو ته ان ۾ ڪهڙو غيرآئيني قدم آهي ۽ غداري چئبي!؟ سنڌ کي ٻنهي هٿن سان لُٽيندڙ مافيائن کي شايد اها خبر نه هئي ته جڏهن سنڌ جا جوڌا پٽ، نياڻيون ۽ مائرون پنهنجا سر ڪفن سان ٻڌي نڪرندا آهن ته کين پنهنجي ڌرتي کانسواءِ ڪنهن جي به پرواهه نه هوندي آهي ۽ سندن نعرو اهو ئي هوندو آهي ته ”اي ڌرتي جا ويري ۽ غاصب توسان جهيڙو آ، تو سان جهيڙو آ.“ اهو ئي موقف رکڻ لاءِ جڏهن قومي قيادت اسٽيج تي اچڻ لاءِ تيار هئي ته ڪجهه سازشي عنصرن اڳ ئي شرپسندن جي ٽولي کي تيار ڪري رکيو هو، جن بحريا ٽائون جي گيٽ وٽ ڀڃداهه ڪئي ۽ هڪ خطرناڪ ڪيميڪل استعمال ڪري باهيون ڏنيون ويون. پر قومپرست ڪارڪنن تي انهن وڳوڙن جا الزام هنيا ويا ته جيئن ڏهڪاءُ پکيڙي سگهجي. هڪ طرف سڄي سپر هاءِ وي کي هر هنڌان بلاڪ ڪيو ويو هو ۽ انهن سازشي عنصرن روڊن تي ڏٺو ته روڊن تي ڪارڪنن کي روڪڻ ۾ ته ڪاميابي حاصل نه ٿي ٿئي ته پوءِ ڇونه انهن قومي ڪارڪنن کي منتشر ڪرڻ لاءِ بحريا ٽائون اندر ئي باهيون ڏجن ۽ پوءِ سندن گرفتارين جا جواز پيدا ڪجن. حالانڪه تنهن دوران اسٽيج تان بار بار اعلان ٿيندا رهيا ته اهڙن وڳوڙن ۽ شرپسندن جو هن ڌرتي ۾ آيل ڪارڪنن سان ڪو تعلق ناهي ۽ نه ئي هن ڌرڻي ۾ شريڪ ڪارڪنن اهڙي ڪا حرڪت ڪئي آهي، جنهن سان امن امان جي صورتحال خراب ٿئي. واقعي کانپوءِ سازشي عنصر پنهنجي حرڪت ۾ ڪامياب ته ٿي ويا ۽ قومي قيادت کي اسٽيج تائن اٿڻو پيو، ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهو جڏهن واپس وڃي رهيا هئا ته پوليس جيڪي ڪِريل حرڪتون ڪيون، سي مختلف وڊيوز ذريعي ثابتي ڏين ٿيون ته ڪراچي پوليس وحشت ۽ دهشت وارو ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن پوليس اهلڪارن ڪارڪنن تي اهڙي طرح تشدد ڪيو، جهڙي ريت اسرائيلي فوج فلسطين جي معصوم شهرين مٿان ڪڙڪي پوندي آهي، پوليس جي ان تشدد ۾ سنڌ جي ڪارڪنن سميت ڪيتريون ئي نياڻيون پڻ زخمي ٿيون، ايتري تائين جو ڌرڻي مان واپس ويندڙ ڪارڪنن کي گاڏين مان زوري لاهي کين مارڪٽ ڪئي وئي ۽ گرفتاريون عمل ۾ آنديون ويون.هن وقت تائين جيڪي خبرون رپورٽ ٿيون آهن، انهن موجب 150 جي لڳ ڀڳ ڪارڪنن کي عدالتن ۾ پيش ڪري سندن جسماني رمانڊ ورتو ويو آهي، جن ۾ شديد زخمي ڪارڪن به شامل آهن، ٻڌايو وڃي ٿو ته پوليس جي تشدد ۾ ڪِن جا مٿا ڦاڙيا ويا، ڪِن جون ٽنگون ڀڳيون ويون ته ڪِن جون ٻانهون ٽوڙيون ويون آهن، ڪراچي جي عدالت ۾ اهي منظر ڏسي انتهائي افسوس ٿيو، جڏهن ته انهن ڪارڪنن کي هڪ بس ۽ پوليس موبائيل مان لاهي جناب بشير احمد کوسو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته انهن ڪارڪنن مٿان پوليس جو ايترو وحشياڻو تشدد ٿيل هو جو هو هلي به نه پئي سگهيا، سندن کاڌو پيتو ۽ پاڻي به بند ڪيو ويو، مطلب ته هر طرح جو ٽارچر ڪرڻ بعد کين عدالت ۾ آندو ويو، ڄڻ ته ڪي سالن جا قيدي عدالت ۾ پيش ڪيا ويا هئا. آئون خراج تحسين پيش ڪريان ٿو انهي سنڌ جي بهادر نياڻي ايدووڪيٽ اسما ابڙو کي، جنهن انهن قومي ڪارڪنن جي بروقت سار لهندي نه صرف وڪالت جا فرض نڀايا بلڪه ڪراچي جي ٻين وڪيل ڀائرن، ڀينرن کي ساڻ ڪري پاڻ ملهايو ۽ قيدين کي ٿڌا جوس ۽ پاڻي پياريو ته جيئن هو سامت ۾ اچن، تڏهن وڃي هو ڳالهائڻ جهڙا ٿيا ۽ سندن چوڻ هو ته پوليس بنا ڏوهه جي کين گرفتار ڪري سڄي رات ٽارچر جو نشانو بنايو ۽ هڪڙي هڪڙي ڪمري ۾ پنجاهه پنجاهه ڄڻن کي واڙي ماني ۽ پاڻي به بند ڪيو ويو. بهرحال، انهن سڀني ڪارڪنن کي رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي.6 جون تي تاريخي ڌرڻي کانپوءِ سنڌ حڪومت جي فرمانن بعد سنڌ پوليس جي ڪيل ناجائزين سان گڏ قومي قيادت جي خلاف داخل ڪيسن ۽ جسقم چيئرمين صنعان قريشي سميت ٻين قومي رهنمائن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻا به هنيا ويا آهن، ساڳئي وقت قومي قيادت سان گڏ سنڌ جا حلالي پٽ اهو عزم ٿا ڪن ته جيڪي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي جيلن ۾ آهن، تن کي اڪيلو نه ڇڏبو، نه ئي سنڌ جي زمينن، ٻيٽن ۽ ٻين وسيلن تي قبضا ٿيڻ ڏبا ۽ نه وري بحريا ٽائون جا اسرائيلي طرز نما منصوبا قبول ڪيا ويندا.

بحريا ٽائون واري واقعي بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي پ پ جي ڪجهه ڪابينا ميمبرن صوبائي وزير سعيد غني جي قيادت ۾ بحريا ٽائون جو دورو ڪيو آهي ۽ هنن خاطري ڪرائي آهي ته سندن ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو ويندو، هئڻ ته ائين گهرجي ها ته سنڌ حڪومت قومپرست ڪارڪنن وٽ هلي اچي ها ۽ انهن ڏانهن پنهنجو وفد موڪلي کين خاطري ڪرائي ته سنڌ جي ماڻهن سان ڪنهن به قسم جي زيادتي نه ٿيندي ۽ نه ئي سنڌ جي وسيلن تي ڌارين کي قبضو ڪرڻ ڏبو پر ان جي ابتڙ ٻاهرين ماڻهن ۽ بلڊر مافيا کي وڌيڪ ترجيح ڏني وئي!جيستائين صنعان قريشي ۽ ٻين قومپرست رهنما ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ کين گم ڪرڻ جو سوال آهي ته اهڙين حرڪتن سان ويتر سنڌ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي، تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي هٿ سان اهڙا قدم کڻائڻ بجاءِ سلجهيل طريقي سان معاملا حل ڪرائڻ گهرجن، پر جيڪا پاڻ ئي سنڌ جي زمينن جي والار ڪندڙن سان ويجهڙائپ رکندڙ هجي ته پوءِ اهڙا ئي سانحا ۽ سنگين مسئلا جنم وٺندا آهن، تنهن ڪري پيپلزپارٽي وٽ اڃا به وقت موجود آهي ته اها سنجيدگي اختيار ڪري ته جيئن وڌيڪ ممڻ نه مچي.  

پهنجو تبصرو موڪليو