قومي ڪرڪٽرز جي 22 اپريل کان آن لائن فٽنيس ٽيسٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب قومي ڪرڪٽرز جي ملتوي ڪيل فٽنيس ٽيسٽ هلندڙ مهيني آن لائن ورتي ويندي. ان ڏس ۾ پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ آن لائن ويڊيو ٽيوٽرل تيار ڪيا آهن جيڪي ڪرڪٽرز کي موڪليا ويا آهن. هيڊ ڪوچ مصباح الحق قومي ٽيم جي ٽرينر ياسر ملڪ سان گڏجي آن لائن فٽنس ٽيسٽ ترتيب ڏني آهي. قومي ڪرڪٽرز ۽ پي ايس ايل کيڏندڙن جي ٽيسٽ 22 اپريل تي ٿيندي جڏهن ته ڊومِسٽڪ ڪرڪٽرز کي چيو ويو آهي ته هو پنهنجي لوڪل ٽرينر سان رابطو ڪن. ياد رهي ته اڳ ۾ فٽنس ٽيسٽ 23 ۽ 24 مارچ تي رکيل هئي جيڪا ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون جي ڪري ملتوي ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو