قومي شاهراه تي ڪار ڪلٽي، مسافرن کان ڦر، احتجاج

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)قومي شاھراھ تي لعل بخش  سولنگي اسٽاپ ڀرسان  نامعلوم ھٿياربندن پاران ڪراچي کان ٺيڙھي ويندڙ ڪار کي روڪڻ دوران  گاڏي ڪلٽي  ٿي پئي ھٿياربندن ڪلٽي ٿيل ڪار سوار عزير احمد،ميمڻ،مسرور احمد ميمن ،شاڪرعلي ،عبدالباسط، شعيب احمد ميمڻ کان ھزارين روپيا ڦرلٽ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. متاثرين ڦرلٽ واقعي جي خلاف قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو آھي متاثرين ٻڌايو تہ ھٿياربندن ڦرلٽ ڪئي آھي ڦريل سامان واپس ڪرائي ڏوھارين کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو. قومي شاھراھ تي ڦرلٽ واقعي خلاف احتجاج ڪندڙن سان پوليس ڳالھيون ڪري احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو