قومي شاهراهه تي پل ٽٽڻ لڳي، اختياريون نوٽيس وٺن

قاضي احمد)عرفان لاکو) شهر لڳ ٽموڙ اسٽاپ تي نيشل هاءِ وي هيٺان گزرندڙ ملواهه شاخ جي پل زبون حال بڻجي وئي، موٽر وي توڙي آبپاشي عملدار لاپرواهه بڻيل، ڪنهن به وقت وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو. بينظيرآباد جي ضلعي انتظاميا به ڪو نوٽيس ناهي ورتو، ملڪ جي مصروف ترين شاهراهه تي ڪنهن به مهل خطناڪ کڏو پئجي سگهي ٿو. مقامي سماجي ورڪرن جو چوڻ آهي ته هنن واسطيدار عملدارن جي نوٽيس ۾ اهو معاملو آندو آهي پر ڪو به تدارڪ لاءِ تيار ناهي.شهرين ۽ مقامي ٽراسپورٽرن اسسٽنٽ ڪميشر قاضي احمد کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري نوٽيس وٺي مرمت ڪرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو