قرآن پڙهڻ لاءِ آيل معصوم نينگر سان وحشي ملان جي بدفعلي

شڪارپور(ن س) شڪارپور جي هڪ مدرسي ۾ معصوم نينگرسان بدفعلي بعد گرفتار مولوي ڏوهه جو اعتراف ڪندي معاف ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. پوليس زراعت کاتي ۾ 17 هين گريڊ جي آفيسر مولوي شفيع الله هڪڙو کي 10 ورهين جي نينگر سان بدفعلي جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتوآهي. گرفتاري بعد هن ڏوهه جو اعتراف ڪيو ۽ معافي گهري، لکي در پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر نينگر مولوي وٽ مدرسي ۾ قرآن پڙهڻ ويندو هو، جتي جوابدار کيس زيادتي جو نشانو بڻايو. بدفعلي بعد نينگر گهر اچي وارثن کي دانهن ڏني، جنهن کانپوءِ وارثن ۽ پاڙيوارن مولوي کي پڪڙي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس کيس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، بعد ۾ مولوي خلاف واقعي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو، اسپتال مان نينگر جو ميڊيڪل چيڪ اپ به ڪرايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو