قتل ۽ ڦر جي 24 ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار

اوٻاوڙو(غلام علي رند)ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي ھدايتن تي روپوش ۽ اشتھاري ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون دوران پوليس 24 ڪيسن ۾ روپوش ڄاڻايل جوابدار ڪيو آهي. وسطي جيوڻ شاھ  ٿاڻي جي اي ايس آءِ محمد عظيم سومرو بمه اسٽاف دوران گشت ھڪ ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي بچاءَ بند وٽان گناھ نمبر 17/2002 قلم 457.380 ت پ ٿاڻو ڏھرڪي جي ڪيس ۾ اشتھاري جڏھن ته گناھ نمبر 72/2020 قلم 452.506/2 ت پ جي ڪيس ۾ مطلوب جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار ٿاڻو وسطي جيوڻ شاھ جي 24 مختلف ڪيسن قتل ، اغوا ۽ ٻين سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ چالان آھي. ان کان علاوه 5 آڪٽوبر تي ڳوٺ محمد پور مان راحيله ۽ شيبا ڏھر نالي ٻن ڇوڪريون جي اغوا جي ڪيس ۾ به مک جوابدار آھي. گرفتار اشتھاري جوابدار محمد حسن عرف حسنو ولد سبل تڙت ويٺل ڳوٺ نھال تڙت ڪچي جو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو