قتل جي 3 جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

نوشهروفيروز(ڊ ر) عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ٻه ٻه لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. نوشهروفيرو جي سيشن جج غلام شاهه جي عدالت پاران هڪ سال اڳ مٺياڻي جي پورهيت ممتاز عرف سوڍو گاڏهي کي جوابدار لياقت ملاح، اظهر ملاح، پرويز عرف پلو ملاح گهران گهرائي کيس ڦر ڪرڻ بعد قتل ڪيو هو، عدالت اهڙو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽنهي جوابدارن کي ٻه ٻه لک ڏنڊ سميت عمر قيد جي سزا ٻڌائي  آهي. واضح رهي ته 2018 ۾ ٽنهي جوابدارن مقتول کي گهران سڏي قتل ڪيو هو جنهن جي فرياد سندس پٽ محمد ياسين جي مدعيت۾ مٺياڻي ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو