قبائلي جهيڙن ۽ بدامني خلاف امن ڪانفرنس منعقد

گهوٽڪي (عرفان علي سومرو ) ضلعي اندر قبائلي جهيڙن ۽ بدامني خلاف گهوٽڪي ۾ شهري اتحاد پاران هڪ امن ڪانفرس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي ته امن ڪانفرس کي خطاب ڪندي آغا نادر پٺاڻ، نصرالله ڪلادي، لال بخش گهوٽو، علي حسن مهر، سارنگ ڪلادي، احسان ڪلادي، اسد مير چاچڙ ۽ ٻين چيو ته گهوٽڪي ضلعي اندر هڪ دفو ٻيهر قبائلي تڪرار ۽ بدامني ڀڙڪي اٿي آهي قبائلي جهيڙن سبب ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيو آهن پر انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن چيو ته سياسي ڀوتارن توڙي گهوٽڪي انتظاميه هٿ سان قبائلي جهيڙا ۽ بدامني ڪرائي رهي آهي جنهن ڪري شهري توڙي ڳوٺاڻا خوف واري ماحول ۾ ورتل آهن. هنن چيو ته گهوٽڪي شهر اندر هڪ مهيني دوران 45 موٽر سائيڪلون چوري، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن پر ضلعي جو ايس ايس پي ۽ حد جا ايس ايڇ اوز خاموش تماشائي بڻيل آهن جنهن ڪري عام شهري جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. امن ڪانفرس ۾ سياسي، سماجي اڳوڻن پاران هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي جيڪا قبيلائي جهيڙن ۾ ورتل برادرين وٽ ميڙ منٿ قافلو وٺي جهيڙا ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. امن ڪانفرس ۾ شريڪ ماڻهن چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته گهوٽڪي جو امن تباھ ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ضلعي اندر قبيلائي تڪرار ختم ڪري شهر جو امن بحال ڪرائي ڏين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو