قبائلي جهيڙا بند ڪرايو، جي ٽي آءِ جو امن جلوس

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ غالب بلوچ) ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمورضلع اندرھلندڙقبائلي جھيڙن جي خاتمي لا۽ جي يوآئي جي شاگرد تنظيم جميعت طلباءِ اسلام ڪنڌڪوٽ پاران عمران علي کوسو ۽اسدالله ڀيوجي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍيو ويو. جنھن ۾ ڪنڏڪوٽ جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. امن امان قائم ڪرڻ لاءِ جلوس کي خطاب ڪندي مقررن سنڌ حڪومت ۽ قبائلي سردارن کان مطالبوڪيو تہ قبائلي جھيڙن کي فورن ختم ڪرائڻ لا۽ پنھنجوڪردار اداڪندي  انساني زندگيون محفوظ بڻايون وڃن. ياد رهي ته تازو بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادرين، جاگيراڻين، ملڪن ۽ بين برادرين ۾ خوني تڪرار هلندڙ آهن. جماعت اسلامي جي اڳواڻن تازو بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادرين جي چڱن مڙسن سان ملاقات ڪري ٺاهه لاءِ ڳالهيون ڪيون هيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو