قاسم سليماني جي تدفين دوران ڀاڄ، 50 فوت، 200 زخمي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ آمريڪي حملي جي نتيجي ۾ مارجي ويل جنرل قاسم سليماني جي تدفين دوران ڀاڄ جي نتيجي ۾ 50 ماڻهو فوت جڏهن ته 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جا اطلاع  آهن. آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري ٻڌايو آهي ته جنرل قاسم سليماني جي اباڻي علائقي ڪرمان ۾ جلوس جي وچ ۾ ڀاڄ پئجي وئي. خيال رهي ته 3 جنوري تي عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ ايئرپورٽ ويجهو آمريڪي فضائي حملي ۾ پاسداران انقلاب جي قدس فورس جي سربراهه ميجر جنرن قاسم سليماني مارجي ويو هو. جنهن کان پوءِ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جنرل قاسم سليماني جي مارجڻ کان پوءِ ان جي نائب اسماعيل قاآني کي پاسداران انقلاب جي قدس فورس جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو