قادر شر تي تشدد خلاف سٺي سنڌ ۾ احتجاج، وڏيرو گرفتار ڪريو

ڪراچي (نمائندن وٽان) جرڳي جي خبر ڏيڻ تان وڏيري جي تشدد ۾ مرڻينگ ٿيل صهافي  غلام قادر شر تي تشدد خلاف سنڌ جي اڪثر ننڍن وڏن شهرن ۾ احتاجي جلوس ڪڍي وڏيري کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. سانگهڙ  مان نادر بڙدي جي رپورٽ موجب سانگھڙ صحافي اتحاد جي سڏ تي پريس ڪلب کان سوين صحافين، شهري تنظيمن، چيمبر آف ڪامرس، سٽيزن ايڪشن ڪميٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي ورڪرز پارٽي، انساني حقن جي تنظيمن جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو، جتي خطاب ڪندي انجم آفتاب نظاماڻي ، ذولفقار خاصخيلي،يونس راڄپر، الياس انجم، رضا خان، مصطفيٰ ترين، ميرحسن مري ،حاجي يامين قريشي، سارنگ وساڻ نانا قاسم چانڊيو نادر بڙدي محمد علي شر  ،علي اڪبر جوڻيجو ،اختر مري، صغير احمد راجپوت، راجا رشيد ڪنڀر، مجيد مڱريو، اعجاز ڪيريو، فدا حسين شر خدا ڏنو ڪاڇائي، ساحل مهر، علي ڏنو خاصخيلي،سميع ميمڻ،رشيد مگسي،  جبار جوڻيجي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته صحافي غلام قادر ّشر تي قاتلاڻو حملو ڪري کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ کڻڻ وقت کيس کڻڻ به نه پئي ڏنو ويو. اها سڌي سنئين دهشتگردي آهي. ان جي باوجود داخل ايف آئي آر ۾ دهشتگردي جا قلم لاڳو نه پيا ڪيا وڃن. وڏيري ڪمال الدين شر کي گرفتار نه ڪيو ويو ان کي کلي ڇوٽ ڏني وئي ته هن ضمانت ڪرائي ورتي، پوليس جو هن وقت رويو انتهائي ڌر بڻجڻ وارو نظر اچي رهيو آهي. هنن اهو به مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او جمن کوسي کي معطل ڪيو وڃي. هنن گھر ڪندي چيو ته غلام قادر شر جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي.   ان موقعي تي صحافين اهو اعلان ڪيو ته سڄي ضلعي ۾ پوليس جي ڪنهن به ايونٽ جي پريس پڌرائي جي ڪوريج نه ڪئي ويندي. جڏهن اسان  جو صحافي موت ۽ زندگي جي ٻه واٽي تي بيٺو آهي. سڄي سنڌ جا صحافي سراپا احتجاج آهن. ان باوجود پوليس روايتي طريقي سان وڏيري کي رليف ڏيارڻ ۾ رڌل آهي. هنن چيو ته محرم جي ڏهين تاريخ کان پوءِ ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. غلام قادر شر جي مٿان قاتلاڻي حملي ۾ ملوث وڏيري ڪمال الدين شر، سندن پٽن، اسد ڪمال شر، محمد نواز شر کي پوليس گرفتار نه ڪيو هنن سانگھڙ جي عدالت مان عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي. جڏهن ته منگلي پوليس  گرفتار جوابدارن غلام مرتضيٰ عرف پپوشر ۽ انور علي جو چئن ڏينهن جو ريمانڊ حاصل ڪري ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو