قاتل گرفتار ڪريو، وارثن ۽ سماجي ڌرين جو احتجاج

سانگهڙ(رپورٽ:ذوالفقارشاھ)کاھي ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل امام بخش درس جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽  سياسي سماجي، وڪيل تنظيمن  پاران احتجاجي ريلي ڪڍي  پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو، پندرهن ڏينهن اڳ کاھي ٿاڻي جي حد ۾ قتل ڪيل نوجوان بابت مظاهرين چيو ته پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ اسان تي مک جوابدار جو نالو ايف آئي آر مان خارج ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي،  هنن چيو  ته ڳڀرو نوجوان جي قتل ۾  پوليس جي  سست روي  مان مايوس آهيون،   هنن چيو ته اسان ٻه ڏينهن اڳ کپرو ۾ احتجاج ڪيو هو پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، سانگهڙ جو ايس ايس پي اسان جي ڪيس کي ٻوڙڻ چاھي ٿو، هنن چيو هاڻ  ڊي آء جي آفيس آڏو ۽ ڪراچي پريس ڪلب ۽ سي ايم هاوس ڌرڻو هڻنداسين، احتجاجي تحريڪ قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ تائين جاري رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو