قاتل پڪڙڻ بدران مقتول ڌر خلاف احتجاج تي ڪيس داخل

نوشهروفيروز(منظور ملڪ)ڳوٺ عبدالڪريم ڀرٽ ۾ ٻن ڳوٺاڻن محمد صادق ڀرٽ ۽ جاويد ڀرٽ جي قتل خلاف هڪ ڏينهن اڳ لاش قومي شاهراهه تي رکي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن مٿان نوشهروفيروز پوليس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. نوشهروفيروز ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر نمبر 120/2020 ۾ 70/80 نامعلوم ماڻهو ڏيکاريا ويا آهن. جن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءَ، غير قانوني طور گڏ ٿيڻ، سرڪاري گاڏين کي نقصان پهچائڻ جا قلم353، 341، 427، 147، 148 پي پي سي لڳايا ويا آهن جڏهن ته ڪيس ۾ ڪنهن به ماڻهو جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ ۾ نوجوان اشفاق ڀرٽ ۽ ناري سيما سولنگي پاران پسند جي شادي ڪرڻ تان شروع ٿيل تڪرار سبب شادي ڪندڙ نوجوان جي ڀاءُ جاويد ڀرٽ ۽ چاچي صادق ڀرٽ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري کين قتل ڪري فرار ٿي ويا جنهن خلاف مقتولن جي وارثن ۽ ڀرٽ برادري پاران قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو هو ۽ احتجاج دوران پوليس سان پڻ جهڙپون ٿيون هيون. هوڏانهن پوليس مقتولن جي فرياد تي سولنگي برادري جي جوابدارن خلاف قتل جي ايف آءِ آر ته داخل ڪئي آهي پر گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي. پوليس ٻن ڄڻن کي پڪڙيو پر مقتولن چيو ته اهي واٽهڙو آهن اصل جوابدار ناهن.

پهنجو تبصرو موڪليو