قائداعظم، محترمه ۽ زرادري جي اصولن تي عمل ڪبو، مراد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان قائد اعظم جي ٻڌايل اصولن تي هلنداسين، اڄ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي اندروني ۽ ٻاهريان خطرا آهن، قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سان ڪورونا وبا جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، ايسٽرن ۽ ويسٽرن بارڊرز تي خطرا آهن، اسان ڪشميري ڀائرن کي نٿا وساري سگهون، ڪشميري ڀائر ڪيترن سالن کان ظلم برداشت ڪري رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته اسان گڏجي شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي اصولن تي هلنداسين، ڪووڊ وبا جي ڪري سڄي دنيا پريشان آهي، اسان سڀني کي احتياط ۽ هن بيماري جو مقابلو ويڪسينيشن سان ڪرڻو آهي، عوام کي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ گهرجي، ويڪسين ئي وائرس کان بچاءُ جو حل آهي. هن کان اڳ سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر سنڌ عمران اسماعيل مزار قائد تي حاضر ڀري جهنڊو ڦڙڪايو ۽ گلن جي چادر چاڙهي ملڪي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري، ٻنهي اڳواڻن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به لکيا.

پهنجو تبصرو موڪليو