فٽبال راند تان جهيڙو جمرود ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ) ضلع خيبر ۾ فٽ بال ميچ دوران اختلاف راءِ تي فائرنگ سبب قومي فٽبالر سميت 2 ڄڻا قتل ٿي ويا. پوليس موجب راند ۾ هارجن ۽ کٽڻ جي بحث تان جهيڙو جمرود جي ٽيڊي گرائونڊ ۾ ٿيو. ايف آءِ آر داخل ٿي وئي آهي پر گرفتاري اڃا ناهي ٿي. پوليس موجب جنيد خان ۽ ڪليم الله فوتين ۾ شامل آهن. جنيد خان جي ويجهي عزيز احمد آفريدي جو چوڻ آهي ته اصل جهڳڙو جنيد جي ڀاءُ کان موبائيل ۽ ليپ ٽاپ فرڻ تان ٿيو جنهن ۾ ڪليم جو ڀاءُ ملوث هو. پوليس جو چوڻ آهي ته اصل جهيڙو فٽبال راند دوران ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو