فٽبال جي فائنل نيوي بليو کٽي ورتي، انعام تقسيم

روھڙي (امان ﷲ سومرو)جن ملڪن اندر راندين جي ميدانن کي ترجيح ڏني ويندي آهي اتي اسپتالون ٺاهڻ ۾ نمايان ڪمي ايندي آهي نوجوانن ۾ صحت مند معاشري جي فراهمي لاءِ راندين جون سرگرميون ضروري آهن جڏهن ته ملڪ جي تعليمي ادارن تي لازمي آهي ته راندين جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ رانديگرن جون ٽيمون ٺاهي راندين جا مقابلا منعقد ڪرايا وڃن. اھڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي مشهور فٽبالر نور نبي ميمڻ پاران روھڙي اسپورٽس ڪامپليڪس گرائونڊ اندر منعقد ٿيل فٽبال ٽورنامنٽ جي فائنل ميچ دوران خاص مھمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو . هن چيو ته حڪومت پاران راندين جا ميدان ٺاھڻ ۽ ننڍي وڏي شهرن اندر راندين جا مقابلا ڪارائڻ سان گڏوگڏ نجي توڙي سرڪاري سطح تي ڪم ڪندڙ ادارن کي ٽيمون ٺاهي اسپانسر ڪرڻ جو پابند بڻائڻ جھڙا سنجيده قدم کنيا وڃن. نوجوان رانديگرن کي مخاطب ڪندي سندس چوڻ ھو ته راند صحت آهي ۽ صحت لاءِ رانديون ضروري آهن نوجوانن جي راندين سان محبت ۽ راندين سان لڳاءُ ھڪ ڏينھن سندن نالو ملڪ جي ناليواري رانديگرن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويندو جنهن ذريعي ھو پنھنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا جڏهن ته فٽبال راند جو فائنل ميچ نيوي بليو ٽيم ۽ نيوي وائيٽ وچ ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ نيوي بليو ٽيم فاتح ۽ نيوي وائيٽ ٽيم لاءِ رنر اپ جون ٽرافيون ورھائيون ويون جڏهن ته ٽورنامينٽ جو بيسٽ رانديگر ۽ فائينل ميچ جو بھترين رانديگر طور ٽرافي پڻ ڏني وئي ان موقعي تي مجاهد بوزدار، امان ﷲ سومرو، اي ڊي گھڃو، عثمان گهڃو، محمد شفيق شيخ، اسلم سومرو، امجد خاصخيلي، انعام قريشي، عرفان ڀٽو، عبدالقدير ميمڻ، حضور بخش ڀٽو، نديم ميمڻ، محسن ۽ ٻيا شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو