فيصلي کان اڳ هليو وڃ، نه ته سڀ پريشان ٿيندئو، مريم

ملتان(ويب ديسڪ) مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳوان مريم نواز چيو ته اڄ اسانجو رخ ملتان طرف آهي ته حڪومت لڏي وئي آهي، جڏهن اسلام آباد طرف رخ ڪيو ته سوچو اوهانجو حشر ۽ حالت ڇا ٿيندي. هن چيو ته منهنجي ننڍي ڀيڻ آصفه کي سياست ۾ پير رکڻ تي مبارڪ ڏيان ٿي، جڏهن مصيبت ايندي آهي نياڻيون ميدان ۾ اينديون آهن ۽ اسين اچي ويا آهيون. اسين ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته عمران خان تنهنجو وقت پورو ٿي ويو آهي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ان جي گهروارن کي جنازو پڙهڻ نه ڏنو ويو، محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ان جا سڀ ثبوت مٽايا ويا، منهنجو ڏاڏو فوت ٿيو ته  نواز شريف کي جنازي ۾ شرڪت ڪرن نه ڏني وئي، هي سڀ ڪجهه چونڊيل نمائندن سان ڇو ٿو ٿئي.هن مشرف جو ذڪر ڪندي چيو ته هن آئين ٽوڙيو پر هن کي ڪجهه نه چيو ويو، هن چيو ته علي قاسم گيلاني، عبدالقادر گيلاني ۽ موسيٰ گيلاني کي سلام پيش ڪريان ٿي جن سڀني رڪاوٽن جي باوجود جلسو ڪيو. شرم جي ڳالهه آهي ته 50 روپئي جو تالو ٽوڙڻ تي قاسم کي جيل موڪليو ويو. مريم چيو ته عمران ڪورونا جي پويان لڪي ٿو، هي ڪورونا سمجهدار آهي ۽ پڇي ٿو ته اپوزيشن جو جلسو آهي ته هو ايندو ۽ حڪومت هجي يا جماعت اسلامي جي جلسن ۾ ڪورونا نٿو اچي پر اپوزيشن جي جلسن ۾ اچي ٿو. هن چيو ته حڪومت اپوزيشن جو لاڪ ڊائون ڪرن چاهي ٿو پر عوام عمران خان جو لاڪ ڊائون ڪندو. هن چيو ته ڪووڊ 19 کان اڳ ڪووڊ 18 يعني عمران خان کي اڳ ۾ گهر موڪلڻو آهي. هن چيو ته مهنگائي، بيروزگاري، لاقانونيت جي وائرس جو علاج ضروري آهي، ملڪي معيشت، ترقي، عوامي روزگار، نظام عدل، ڪڻڪ جي چوري، کنڊ چوري، مهنگائي کي ڪهڙو وائرس لڳو آهي.  ان وائرس جو نالو ڇا آهي؟ پنڊال مان آواز آيو ته عمران خان. پاڪستان کي لڳل وڏي وائترس جو نالو عمران خان آهي. عوام هن کي ڪووڊ 18 جي نالي سان ياد ڪندو. ان دوران وزيراعظم نواز شريف جا نعرا لڳندا رهيا. هن چيو ته هي ڪورونا جو نه پر حڪومت وڃڻ جو روئڻ آهي. هن چيو ته اڄ واعدو ڪريو ته لوٽن ۽ ڪوڙن واعدن جي چڪر ۾ نه پوندا. هن چيو ته ملتان واري ميٽرو ٺيڪ ٿي هلي پر پشاور ۾ چڪا لڳائڻا پون ٿا، مونکي پشاور جي عوام سان همدردي آهي. 10 روپين جي ٽڪيٽ 250 ۾ وڪڻي پيو. هن چيو ته نااهل ڊرائيور پاڪستان جي بس ٿو هلائي، سليڪٽر پوري قوت سان ان بس کي ڌڪو لڳائي رهيا آهن. مريم چيو ته هي چون ٿا ته عمران خان ايماندار آهي، عليما خان سلائي مشين مان اربين ڪمايا، بني گالا جو محل ٺاهيو پر ماڻهو ايماندار آهي، فارين فنڊنگ ۾ 6 سالن کان گهربل آهي پر چوي ٿو هي ايماندار آهي، اٽو چوري ڪيو، کنڊ چوري ڪئي پر هي ايماندار آهي، اٽي چور ۽ کنڊ چور هن جو ڪچن ٿا هلائن، اوهان وٽ ساڄي کاٻي اي ٽي ايم آهن ته ڪاروبار ڇو ڪندين؟ عاصم سليم باجوا جي پيزا بابت پڇو ته پيزا پيزا جا نعرا شروع ٿي ويا، سرڪاري ملازم اربين روپيا ڪمايا، هن چيو ته پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو ڊاڪو چوندو هو هاڻي ان کان اين آر او پيو گهري، هي 4 ٻڪرين وارو لنڊن ۾ فليٽ خريد ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته هو ايماندار آهي. ملتان جو عوام پڇي ٿو ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي مهم ڪير پيو هلائي؟ ان مهم ۾ سليڪٽڊ ۽ سليڪٽر هڪ پيج تي آهن يا نه؟ اسين سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ٿا ڪريون ته فارين فنڊنگ جو ڪيس هي ڇو نٿو هلائڻ ڏئي، هن کي ڪنهن ڪنهن اربين روپيا ڏنا، هي اسرائيل جي حق ۾ مهم ڇو پيو هلائي. هن چيو ته اهو جج اڄ منهن لڪائي پيو گهمي جنهن هن کي صادق ۽ امين قرار ڏنو هو. سليڪٽرز کي به داد ڏيون ٿا ته هنن نا اهل ترين ماڻهو کي چونڊي قوم تي مسلط ڪيو. نواز شريف کي نا اهل قرار ڏنو ان جي دور ۾ 5 روپيا نان هو اڄ 30 روپيا آهي، کنڊ 52 روپيا هئي اڄ 110 روپيا آهي. هن چيو ته نا اهل وزيراعظم کي گهر موڪلڻ واري پي ڊي ايم جي تحريڪ آخري مرحلي ۾ آهي، مان جيل به ويس ته ڪا پرواهه ناهي پر عوام جي گهرڻ ۾ چلهه ٻرڻ گهرجي. هن چيو ته اسين فيصلا ڪرڻ وارا آهيون بهتر ٿي اقتدار ڇڏي وڃ ايئن نه ٿئي ته تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي سهولتڪارن لاءِ مشڪل پيدا ٿئي. پي پي اڳواڻ آصفه ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته سليڪٽيڊ جو وقت پورو ٿي ويو آهي هن گهر وڃڻو پوندو، هن چيو ته پيپلز پارٽي شهيدن جي جماعت آهي، اسين سڀ گڏجي پي ڊي ايم جي تحريڪ کي ڪامياب ڪنداسين. هن لکيل پوائنٽس واري تقرير پڙهي پر سندس اعتماد وڏو ڪمال جو هو. مريم نواز هن جي ڀر ۾ بيٺي رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو