فيس بڪ جي نون فيچرز جي آزمائش شروع

لنڊن (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ جلد ئي صارفين جي سهوليت ۽ غلط ڄاڻ کي روڪڻ جي لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائيندو جنهن جي آزمائش جي شروعات ٿي چڪي آهي. جديد ٽيڪنالاجي جي  موجوده  دور ۾ شايد ئي ڪو اهڙو شخص هجي جيڪو سوشل ميڊيا جي استعمال کان پري هوندو ۽ فيس بڪ جو شمار ان سائنس ۾ ٿيندو آهي جيڪو صارف کي پنهنجي طرف ڇڪڻ ۾ چڪمڪ جهڙي طاقت رکندو آهي. فيس بڪ تي خبرن کان وٺي انٽرٽينمينٽ ۽ مزاح سان ڀريل مواد هوندو آهي جنهن کي ماڻهو لکين ڪروڙن جي انگ م شيئر ڪري رهيا هوندا آهن. پر هاڻ سوشل ويب سائٽ تان هڪ شڪايت صارفين جي آهي ۽ اها هي ته فيس بڪ غلط خبرون وائرل ڪرڻ جو ڳڙهه آهي.هتي صارفين ڪابه خبر بنا تصديق جي شيئر ڪندا آهن جنهن کان پوءِ ٻين ماڻهن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ان حوالي سان فيس بڪ نئين فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جي تحت ڪوبه نيوز آرٽيڪل شيئر ڪرڻ کان اڳ ويب سائٽ اوهان کان تصديق ڪندي جنهن ۾ هڪ پاپ اپ نوٽيفڪيشن اسڪرين تي شو ٿيندو جيڪو اوهان کي آگاهي ڏيندو ته اوهان جي مذڪوره پوسٽ شيئر ڪئي وڄي يا نه.

پهنجو تبصرو موڪليو