فوج پاران ڇانوڻي واري مندر جي سجاوٽ

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) گيريزن هيڊ ڪوارٽر حيدرآباد ۾ پاڪستان آرمي جي طرف کان هندو مذهب جي قديمي مندر جي تزئين ۽ آرائش کان پوءِ انتهائي پروقار تقريب  جو انعقاد ڪيو ويو ۽ هندو ڌرم  جي مطابق پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرست اعليٰ ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي  رسومات ادا ڪئي ۽ پاڻ ڀڄن ڳايو ۽ ميڊيا  جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪ  آرمي جي طرف کان  سموري پاڪستان  جي هندو ڪميونٽي جي لاءِ تحفو ڏنو ويو آهي  ۽  پاڪ فوج جي هن بين الامذاهب  ۽ هم آهنگي  قدم کي دل سان خراج تحسين پيش ڪريون ٿا  ۽ ڪوآرڊينيٽر رميش ڪمار راٺوڙ  کي  هدايت ڏني ته 14 آگسٽ 2021 تي حيدرآباد  جي هن قديم مندر ۾ پاڪستان هندو ڪائونسل جي طرف کان جشن آزادي جي پروگرام منعقد ڪيو وڃي. پاڪستان هندو ڪائونسل ڪوآرڊينيٽر  رميش ڪمار راٺوڙ  چيو ته 14 آگسٽ جي موقعي تي هون يگيه به ڪيو ويندو  ۽ وطن عزيز پياري پاڪستان جي لاءِ دعا گهري ويندي. تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ هندو ڪميونٽي  پاڪستان آرمي سان ملي ڪري  14 آگسٽ ملهايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو