ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب وفاقي وزير فواد چوڌري جي تنقيد تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ جي لاءِ آواز اٿاري رهيو آهي ته اهو سٺو عمل آهي. پر هنن کي عثمان بزدار جيان گونگا ماڻهو پسند آهن هنن کي ڪي پي ڪي جو وڏو وزير پسند آهي ڇو ته اهو به خاموش رهندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ سنڌ 70 سيڪڙو حصو ڏيندي آهي. فواد چوڌري چيو ته سنڌ کي جيڪي پئسا ڏيندا آهيون ان جي آڊٽ ڪنداسين.اوهان پئسا ڏئي احسان نه پيا ڪريو، اهو اسان جو آئيني حق آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته گهٽ عقل رکندڙن کي اها خبر ناهي ته هر سال آڊيٽر جنرل پاڪستان فنڊن جو آڊٽ ڪندو آهي ۽ آڊيٽر جنرل پيپلز پارٽي يا صوبائي حڪومت جي ماتحت ناهي هوندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو وڏو وزير صوبي جا حق گهري ٿو ان لاءِ سندس زبان بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.اسان بلدياتي حڪومتن کي هلڻ ڏنو پر عمران خان، بزدار ۽ محمود خان اهو نظام ئي ختم ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته وفاقي وزير فواد چوڌري ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهين دوران سنڌ حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي.
اڄوڪي-اخبار-2024-03-19
اڄوڪي-اخبار-2024-03-19
دلچسپ مقابلي کانپوءِ اسلام آباد ٽيون ڀيرو پي ايس ايل جو چيمپيئن
جماعت اسلامي سنڌ جو اڳواڻ عبدالحفيظ بجاراڻي روڊ حادثي ۾ فوت
گوگل جو جيمنائي اي آءِ انجڻ آءِ فونز جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار
پاڪستان جي ڳجهي اطلاع تي افغانستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪاروايون
آصف زرداري سان آمريڪي سفير جي ملاقات،صدر بڻجڻ تي مبارڪباد
تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت گهري ورتي
پي ٽي آءِ معيشت ٻوڙي ڇڏي، قرض لاهڻ لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻا پون ٿا
بل گيٽس جو وزيراعظم شهباز شريف کي اهم خط
سنڌ حڪومت جون بيورو ڪريسي ۾ مقرريون ۽ تبديليون
فيض حميد جي ڀاءُ نجف جو جوڊيشل رمانڊ منظور،جيل موڪلڻ جو حڪم
آءِ ايم ايف موجب بجلي، گيس اڃا ڪيتري مهانگي ٿيندي؟: نواز شريف
شرجيل ميمڻ پاران ڪراچي ۾ وڌيڪ بسون هلائڻ جو اعلان
وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان
ڪهڙن نالن وارن کي 15 مارچ کان محطاط رهڻ گهرجي؟
اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جو ڀاءُ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار
فوج تي حملن ۾ ملوث دهشتگرد ڪمانڊر8 ساٿين سميت مارجي ويو
يوسفزئي، اسفند يار کي 15 ڪروڙ هرجاڻو ادا ڪري، حڪم
ايف آءِ اي کي شاندانه گلزار خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ جو حڪم