فلٽر پلانٽ ناڪاره بڻجي ويا، ڳوٺاڻا زهريلو پاڻي واپرئڻ تي مجبور

ڳڙهي ياسين (شفيق مهر) شھر جي مين پرائمري اسڪول، ڳوٺ ميان غلام سرور پيرزادو، ڳوٺ نم شريف سميت تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ پاڻي جي صاف ڪرڻ وارا لڳايل ڪروڙين رپين جا فلٽر پلانٽ سالن کان مرمت نه ڪرڻ توڙي پبلڪ ھيلٿ کاتي جي بي ڌياني سبب ناڪاره بڻجي ويا شھري ۽ ڳوٺاڻاصاف پاڻي کان به محرم ٿي ويا. فلٽر پلانٽ جي ملازمن جون پگھارون به ھڙپ ٿي ويون ڳوٺاڻن ۽ ملازمن جو فلٽر پلانٽ جي ملازم اختر پيرزاده جي اڳواڻي ۾ فلٽر پلانٽس جي مرمت نه ٿيڻ ۽ پگهارون نه ملڻ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اختر پيرزاده، عرفان علي، اعجاز سومرو ۽ عابد علي دانھيندي چيو ته اسان جي ڳوٺن ۾ لڳايل فلٽر پلانٽن تي اسان ملازمن آھيون پھريان ايورگرين ڪمپني اسان کي ھر مھيني پگھار ڏيندي ھئي پر 6 مھينن کان فلٽر پلانٽس جي سار سنڀال ۽ سمورا فنڊ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پبلڪ ھيلٿ کاتي کي ڏنا ويا آھن جنھن بعد اسان کي نه ئي پگھارون ٿيون ڏنيون وڃن ۽ نه ئي فلٽر پلانٽس جي مرمت ڪرائي ٿي وڃي جنھن ڪري سمورا فلٽر پلانٽس ناڪاره ٿيندا پيا وڃن اسان کي 13 مھينن کان پگھارون ناھن مليون پلبڪ ھيلٿ کاتي جي آفيسن جا چڪر ڪاٽيندا رھون ٿا پر ايس ڊي او ۽ سب انجينئر اسان کي ٺلھا آسرا ڏيندا رھن ٿا. ھنن ڊي سي شڪارپور ۽ چيئرمين پبلڪ ھيلٿ کان گھر ڪئي ته فلٽر پلانٽن جو مرمتي ڪم ڪرائي اسان جون پگھارون جاري ڪري اسان مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڊي سي آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو