فلم رليز وقت مختلف ٻولين ۾ ڊبنگ ڪرڻ گهرجي، ريشم

لاهور(ويب ڊيسڪ) نامياري اداڪارا ريشم چيو آهي ته پاڪستان ۾ فلمن جي نمائش جو پيمانو محدود ٿي ويو آهي ۽ فلمن جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته ان کي عالمي سطح تي به رليز ڪيو وڃي. هڪ انٽرويو  ۾ هن چيو ته چين ۽ ترڪي ۾ پاڪستاني فلمن کي رليز ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي چڪي آهي ۽ مستقبل ۾ جيڪي به فلمون ٺاهيون وڃن انهن کي اردو سان گڏوگڏ ترڪي ۽ چيني ٻولين ۾ به ڊب ڪيو ويندو. اداڪارا وڌيڪ چيو ته ٻئي ملڪ اسان جي فلمن  جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ ان سان ملڪ کي وڏو پرڏيهي ناڻو به حاصل ٿيندو. هن چيو ته دنيا ۾ مارڪيٽنگ جا لاڙا مٽجي ويا آهن پاڪستان کي لڪير جو فقير نه رهڻ گهرجي. انگريزي ۽ عربي ٻولي ۾ به پاڪستاني فلمن جي ڊبنگ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو