فلسطينين جي قتلِ عام جو نوٽيس ورتو وڃي، وزيراعظم

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اسان فلسطين سان گڏ آهيون، مسجد اقصيٰ تي حملو ۽ فلسطينين جي قتلام جو نوٽيس ورتو وڃي، وزيراعظم فلسطين ۽ غزه سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو آهي ته مان پاڪستان جو وزيراعظم آهيان ۽ اسان غزه ۽ فلسطين سان گڏ بيٺا آهيون، پنهنجي ٽوئٽ ۾ عمران خان نالي واري دانشور نوم چومسڪي جي پوسٽ به شيئر ڪئي جنهن ۾ لکيل هو ته توهان منهنجو پاڻي وٺو، منهنجا زيتون جا وڻ تباهه ڪري ڇڏيو، منهنجو گهر ساڙيو ڇڏيو، مون کي نوڪري کان فارغ ڪيو، منهنجي زمين چوري ڪيو، منهنجي پيءُ کي قيد ڪيو، منهنجي امڙ کي ماري ڇڏيو، منهنجي ملڪ تي بمباري ڪيو، اسان سڀني کي بک ماريو، اسان کي تباهه ڪري ڇڏيو، پوءِ به مون تي الزام لڳايو پيو وڃي ته مان راڪيٽ سان حملا ڪيا، فلسطين کي آزاد ڪيو..

پهنجو تبصرو موڪليو