فصل گهمڻ ويل همراهه گُم، وارثن جي ڳولا جي اپيل

سلطانپور )قربان علي مھر(ڳوٺ جيئند ناريجو  واسي  غلام مرتضيٰ  ناريجو  ھڪ ھفتو اڳ زمين تي فصل گھمڻ  ويو ته گھر واپس نه موٽيو. مٽن مائٽن ۽  دوستن وٽ ڳولا ڪئي وئي پر همراهه جو ڪٿي به ڏس پتو نه پيو . سندس ٻچا ۽ وارث سخت پريشان آهن. وارثن پوليس ۽ ايڌي کي سندس ڳولا ۾ سهڪار جي اپيل ڪئي وئي آهي. غاائب ٿيل همراهه جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي.سندس گمشدگي جي اين سي سلطانپور ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو