فصل جي ڀيل تان جهيڙو عورت سميت 5 زخمي

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) دراني مھر ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ نبي بخش سبزوئي ۾ فصل جي ڀيل تان سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو. جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين جي ماڻھن ھڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ ڪھاڙين سان حملو ڪري ڏنو. لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن ۾ ھڪ پيرسن عورت به شامل آھي زخمين ۾ مائي زليخان۔ گلزار احمد۔ عرض محمد۔ جعفر خان ۽ جتوئي زخمي شامل آھن۔ زخمين کي سندس وارث کڻائي شھر جي سرڪاري اسپتال ۾ آندو جٿي کين ابتدائي طبي امداد ڏيئي گھر روانو ڪيو ويو۔ واقعي بعد ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آھي ۽ ڌريون مورچا بند ٿيل آھن۔ پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو