فروغ نسيم وري حلف کڻي ورتو، قومي اسمبلي ۾ اهم خطاب

اسلام آباد (بيورو رپورٽر) صدر عارف علوي ٽيون ڀيرو قانون جي وفاقي وزير طور فروغ نسيم کي قسم کڻائي ڇڏيو جنهن بعد هن ذميواري سنڀالي ورتي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيس ۾ وفاق جِي پيروي لاءِ وزارت تان هن استعيفا ڏني هئي. فروغ نسيم کي سُپريم ڪورٽ جي حڪم تي احتساب عدالتون قائم ڪرڻ واري معاملي جي ذميواري ملڻ واري آهي. بعد ۾ هن قومي اسمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته آرڊيننس آڻڻ لاءِ اپوزيشن کان پڇڻ جي ضرورت نه آهي، ڪلڀوشن ياديو جي نه سزا ختم ڪئي ۽ نه ئي کيس رليف ڏنو آهي، هن چيو ته آئين ۾ ڪٿي به لکيل نه آهي ته آرڊيننس آڻڻ کان اڳ اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ به پنهنجن حڪومتي دورن ۾ آرڊيننس جاري ڪنديون رهيون آهن، هن چيو ته ڪلڀوشن بابت آرڊيننس سيڪيورٽي مامرو آهي، اُن تي سياست ڪرڻ ۽ سازشي ٿيوريز آڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته آءِ سِي جيَ ڪلڀوشن کي قونصلر رسائي جو حڪم ڏنو، آرڊيننس نه آڻيون ها ته ڀارت سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءُ منظور ڪرائي پاڪستان کي ناڪام رياست قرار ڏئي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو