فرنچ اوپن جو ٽائٽل چيڪ ريپبلڪ جي باربوره جي نانءُ

پيرس (ويب ڊيسڪ) فرنچ اوپن ۾ چيڪ ري بليڪ جي باربوره ڪريجيڪوا روس جي انسيٽيسا کي شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نانءُ ڪري ورتو آهي. فرانس ۾ جاري ايونٽ جي فائنل ۾ چيڪ ري بليڪ جي باربوره جو مقابلو روس جي انيسٽيسا سان ٿيو، شروع کان ئي بار بوره بهترين راند پيش ڪئي ۽ پهريون سيٽ ڇهه هڪ تان کٽي ورتو، جنهن بعد انيسٽيا ميچ تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪئي ۽ ٻئي سيٽ ۾ ڇهه 2 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. راند جو ٽيون ۽ فيصلائتو سيٽ باربوره ڇهه چار تان کٽي ٽائٽل پنهنجي نانءُ ڪري ورتي، باربوره چيڪ ري پبلڪ جي پهرين رانديگرياڻي آهي، جنهن فرنچ اوپن کٽي اهو ٽائٽل کٽيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو